استاد لغاري ادبي لائبريري

استاد لغاري ادبي لائبريري (ڪتب خانو): 21 مارچ 1983ع تي ڳوٺ ’پنيري‘ تعلقي کپري ۾ مشهور اديب محمد لقمان ’استاد‘ لغاريءَ، پنهنجي نالي سان هي لائبريري قائم ڪئي آهي. هڪ سال ڳوٺ حاجي عبدالڪريم لغاري تعلقي سانگهڙ ۽ 16 (سورنهن) سال ڳوٺ ’لُوڻ کاڻ‘ تعلقي کپري ۾ رهائش اختيار ڪرڻ سبب، هيءَ لائبريري پاڻ سان گڏ سنڀاليندو رهيو. 2001ع کان کپري شهر ۾ مستقل رهائش اختيار ڪرڻ بعد سندس لائبريريءَ ۾ هن وقت هزارن جي تعداد ۾ ڪتاب موجود آهن. لائبريريءَ جي خاص ڳالهه ’شاهه جي رسالن جو ذخيرو‘ آهي. جنهن ۾ ڀٽ شاهه واري اصل قلمي گنج کان وٺي، استاد لغاريءَ جي هٿ اکري آخري رنگين قلمي نسخي سميت ۽ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جي پهرئين ڇاپي نسخي کان وٺي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ترتيب ڏنل آخري ڇاپي نسخي تائين سمورا قلمي، ليٿو، عڪسي، فوٽو اسٽيٽ، ڇپيل، سنڌي، سرائيڪي، اردو، انگريزي، عربي، پنجابي ٻولين ۾ (ترجمو) شاهه جا رسالا موجود آهن. جن جو تعداد 100کان وڌيڪ آهي.
هن لائبريريءَ ۾ ٻين اڪثر موضوعن تي ڪتاب موجود آهن، جن ۾: آتم ڪهاڻيون، اسلاميات، انسائيڪلو پيڊيائون، ٻاراڻو ادب، تاريخ، تصوف، سائنس، سفرناما، سياسيات، شاعري، خط، علم اعداد، علم پاميسٽري، علم رمل، علم طب ۽ حڪمت، علم فقھ، علم فلڪيات، علم فنونِ لطيفه، علم منطق، علم موسيقي، علم نجوم، ڪهاڻيون، لسانيات، لغت، لوڪ ادب، ناول ۽ يادگيريون شامل آهن. هن لائبريريءَ ۾ اخبار تعليم کان سواءِ اڪثر رسالا، مخزنون، پريت، پڙاڏو، جهونگار، زندگي، سنڌي ٻارڙا، ڊائريون، جنتريون ۽ سُندر ٽپڻا به وڏي تعداد ۾ موجود آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو